شادي پلي شهر

شادي پلي شهر

شادي پلي شهر

شادي پلي (شهر)1: ضلعي عمرڪوٽ ۾ شادي پليءَ جي نالي سان ٻه شهر آباد آهن، جيڪي پراڻي شادي پلي ۽ نئين شادي پليءَ جي نالي سان سڏجن ٿا. پراڻي شادي پليءَ تي اهو نالو شادي نالي هڪ شخص جي نالي پويان پيو هو، جيڪو ذات جو ‘پلي’ هو. انگريز سرڪار 1892ع ۾ حيدرآباد کان ريلوي پٽڙي وڇائي، جيڪا هتان کان ريلوي لائين کوکراپار کان ٿي ڀارت طرف وڃي ٿي. ريلوي لائين ۽ شهر کي ويجهو ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي، جنهن کي شادي پليءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، جتي بعد ۾ نئين شادي پليءَ جي نالي سان شهر آباد ٿي ويو. هن وقت هي شهر ضلعي عمرڪوٽ، تعلقي پٿوري ۾ واقع آهي، جنهن کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. هن شهر ۾ پلي، آريسر، سيد، لڪياري، راڄڙ، مڱريا، شر، مڪراني، ڪنڀار، کٽي، رند، لاشاري، ڇورا ۽ ڀرڳڙي ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا. قرآني صاحب، جنهن سان مخدوم معين الدين صديقي سيوهاڻيءَ جو به واسطو رهيو، ان جو مدرسو به يونين ڪائونسل شادي پليءَ ۾ آهي. شادي پلي شهر ۾ هاءِ اسڪول ۽ پوليس اسٽيشن به آهي.


لفظ شادي پلي شهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو